عمران جيڪي ڪنٽينر تي واعدا ڪيا ان کان به يوٽرن ورتو آهي: اسد الله ڀٽو

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته حڪومت عوام کي ڪو به رليف نه ڏئي سگهي آهي، عمران خان جيڪي ڪنٽينر تي چڙهي ڳالهيون ڪيون هيون انهن کان يوٽرن وٺي پاڻ کي ڪوڙو حڪمران ثابت ڪيو آهي. ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن نوشهروفيروز ۾ خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير ۽ سنڌ هڪ ڳالهه آهن ۽ اسان جيئن سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي تيئن ئي ڪشميري عوام سان ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز بلند ڪري رهيا آهيون. ان سلسلي ۾ 13 آڪٽومبر تي حيدرآباد ۾ جماعت اسلامي پاران ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ هڪ وڏي ريلي ڪڍي ويندي جنهن جي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ اڄ وڪيل برادري وٽ حاضر ٿيا آهيون. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي، بک ۽ بدحالي عروج تي آهي ان سلسلي ۾ حڪومت ڪو قدم کڻڻ بجاءِ پنهنجي اندروني خلفشار جو شڪار آهي ۽ هرڪو وزارتن جي ڊوڙ ۾ شامل آهي ته اسان کي ڪا سڻڀي وزارت ملي. جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته نه صرف پي ٽي آءِ حڪومت بچيل ساک وڃائي ويهندي پر عوام جيڪو کانئن نفرت ڪري رهيو آهي اهو سندن خلاف ڀرپور نموني سان روڊن تي اچي ويندو. سنڌ ۾ هندن سان ٿيل زيادتين بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسلام اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي  آهي سنڌي هندو هتان جا ڌرتي ڌڻي آهن ۽ انهن سان ٿيندڙ زيادتين جي مذمت ڪيون ٿا. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ عبدالرحيم عباسي، عبدالجبار، غلام سرور مري، محمد شبير خانزادو، شڪيل احمد جوکيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو