لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر مسلم ليگ ن جي 18 ميمبرن جي ايوان ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي.پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان جاري ڪيل سرڪيولر موجب مسلم ليگ ن جي ايم اين ايز عظميٰ بخاري، صبا صادق، رابعه فاروقي، ميان عبدالرئوف ۽ سميع الله خان جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي.ان کان علاوه ملڪ محمد وحيد، راحيله خادم حسين، رابعه نصرت، زيب النساءِ اعواڻ، ذيشان رفيق، ڪنول لياقت ايڊووڪيٽ، گلناز شهزادي، نفيسه امين ۽ محمد افضل جي به اسيمبلي ۾ وڃڻ تي پابندي هوندي.مسلم ليگ ن جي عادل بخش، سعديه نديم، راحت افزا ۽ سمبل ملڪ حسين کي به پنجاب اسيمبلي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو.موجوده سرڪيولر موجب جن ميمبرن جي اسيمبلي ۾ داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي، انهن تي ڇنڇر جي اجلاس ۾ هڙتال جو الزام آهي.پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار عمران خان جي نااهلي خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو هو، جڏهن ٺهراءُ پيش ڪيو ويو ته ن ليگ ميمبرن اسپيڪر ڊائس جي سامهون شور مچايو.










