عشرت العباد جو هڪ ڀيرو ٻيهر عملي سياست ۾ اچڻ جو اشارو

لاهور (ويب ڊيسڪ)سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد هڪ ڀيرو ٻيهر عملي سياست ۾ اچڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.نجي ٽي وي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊاڪٽر عشرت العباد چيو ته هن اڃا اهو فيصلو نه ڪيو آهي ته ڪهڙي پليٽ فارم تان سياسي ڪردار ادا ڪرڻو آهي، اهڙي پليٽ فارم جي سخت ضرورت آهي جنهن ۾ باصلاحيت قيادت مسئلن جو حل ڳولي سگهي.عشرت العباد چيو ته اڄ جي صورتحال ۾ عدليه، اسٽيبلشمينٽ ۽ پارليامينٽ جي وچ ۾ ڇڪتاڻ آهي، اسان جي عدليه، پارليامينٽ ۽ فوج ملڪ جا ستون آهن، اهو تاثر نه ڏيڻ گهرجي ملڪ جي ادارن ۾ ڇڪتاڻ آهي،سنڌ جي اڳوڻي گورنر چيو ته اهڙين حالتن ۾ پريزيڊنٽ هائوس جو ڪردار انتهائي اهم بڻجي ويندو آهي، صدر پاڪستان رياست جو آئيني سربراهه ۽ رياست جي وحدت جي علامت هوندو آهي. صدر کي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ ادارن جي وچ ۾ غلط فهميون دور ڪرڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو