عرفان پٺاڻ جو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کان ريٽائرمينٽ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر عرفان پٺاڻ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ عرفان پٺاڻ چيو ته هو هر طرح جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي خدا حافظ چئي رهيو آهي. 2003 ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ قدم رکندڙ ليفٽ آرم فاسٽ بالر جو انٽرنيشنل ڪيريئر 16 سالن تائين رهيو پر هو 2012 کان پوءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کان پري رهيو ۽ صرف ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏندو رهيو. پنهنجي بيان ۾ عرفان پٺاڻ چيو ته مان خوش نصيب آهيان جو مون کي گنگولي، ڊريوڊ ۽ لڪشمن جهڙن عظيم رانديگرن سان گڏ ڊريسنگ روم شيئر ڪرڻ جو موقعو مليو. هن بي پناهه سپورٽ ڪرڻ تي پنهنجي گهروارن ۽ مداحن جو به شڪريو ادا ڪيو. عرفان پـٺاڻ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ هيٽ ٽرڪ ڪندڙ ٻيو ڀارتي ڪرڪيٽر آهي جنهن 2006 ۾ ڪراچي ٽيسٽ ۾ پاڪستان خلاف هيٽ ٽرڪ ڪئي هئي. هن سلمان بٽ، يونس خان ۽ محمد يوسف کي هڪ ٻئي پويان آئوٽ ڪري پويلين جو رستو ڏيکاريو هو. ورلڊ ٽي ٽوئنٽي 2007 جي فائنل ميچ ۾ به عرفان پٺاڻ مين آف دي ميچ ٿيو هو. ان کان علاوهه عرفان پٺاڻ جي واحد سينچري پاڪستان خلاف هئي جيڪا هن 2007 ۾ بنگلور ۾ ٺاهي هئي. عرفان پٺاڻ پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته هو ڪرڪيٽ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجون خدمتون جاري رکندو.

پهنجو تبصرو موڪليو