اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته عدليه سمجهوتو ڪيو ته پارٽي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعطم نوازشريف جي خلاف فيصلا آيا، فراڊي جون سموريون سازشون ناڪام ٿي ويون، جيل ڀريو تحريڪ ۾ پاڻ ضمانت ڪرائي ورتي ڪارڪنن کي چيو ته جيلن ۾ وڃو گجرانوالا ۾ تنظيمي ڪنيونيشن کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته نوازشريف جي خلاف کوڙ ساريون سازشون ڪيون ويون پر اسان جي جدوجهد ڪامياب ٿيندي. اسان منزل تي پهچنداسين ۽ قائد نوازشريف ڏيهه واپس ايندو.










