عدالت پاران ڀاءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار کي عمر قيد جي سزا

لاڙڪاڻو(ڪورٽ نيوز) فرسٽ ايڊيشنل ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج شيال لعل جي عدالت پاران قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار جڙيل عرف منڊو ويسر کي عمر قيد ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ياد رهي ته  ٽي سال اڳ رتوديرو لڳ ڳوٺ بچل ويسر ۾ جوابدار جڙيل عرف منڊو ويسر معمولي ڳالھ تان پنهنجي وڏي ڀاءُ ضمير احمد ولد حاجي گل محمد ويسر کي گوليون هڻي قتل ڪيو هيو، جنهن ڪيس جي ٻڌڻي فرسٽ ايڊيشنل ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جج شيال لعل طرفان اهڙو فيصلو ٻڌايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو