عدالت طرفان ايس ايڇ او کي هٿڪڙيون هڻي پيش ڪرڻ جو حڪم

جيڪب آباد (عبدالنبي شيخ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج حيدر علي ابڙو 5 مھينا اڳ اغوا ٿيل ستين ڪلاس جي شاگرد حسين بخش منجھو جي اغوا ڪيس ۾ ايس ايڇ او سٽي لياقت لاشاري جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ايس ايڇ او ڇو ناهي پهتو، جاچ آفيسر چيو ته ايس ايڇ او نائيٽ پاس تي ويل آهي جنهن تي جج ڪاوڙ جواب ڏيندي چيو ته مري ته نه ويو آهي نه، عدالت انويسٽيگيشن آفيسر کي حڪم ڏيندي چيو ته 14 ڊسمبر تي ايس ايڇ او سٽي کي ھٿڪڙيون ھڻي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، 3 جولاءِ 2019 تي پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻ نور محمد منجھو جي پٽ حسين بخش کي شھر مان اغوا ڪيو ويو هو، کيس هفتي کانپوءِ مقابلي ۾ بازياب ڪرايو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو