عدالت شهباز جي پرڏيهه وڃڻ متعلق حڪومت کان جواب طلب

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ جي خلاف درخواست تي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.هاءِ ڪوٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ ميان محمد شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس علي باقر نجفي شهباز شريف جي گڏيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. شهباز شريف طرفان ايڊووڪيٽ امجد پرويز ۽ ايڊووڪيٽ اعظم نذير تارڙ پيش ٿيا. جسٽس علي باقر نجفي پڇاڻو ڪيو ته شهباز جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ٿيڻ ۽ هاءِ ڪورٽ جو عبوري حڪم سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ٿيڻ کان پوءِ ڇا اها درخواست ٻڌڻ جوڳي آهي؟شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ عدالت جي عبوري حڪم تي ڪيئن عمل ڪرائي سگهجي ٿو. ايڊووڪيٽ اعظم نذير تارڙ دليل ڏنا ته عدالت حڪومت کان جواب گهرائي سموريون ڳالهيون ظاهر ٿي وينديون. ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته شهباز شريف کي پنهنجي پرڏيهه وڃڻ بابت عدالتي حڪم کي  ڪنهن به لاڳاپيل اختيارين جمع ناهي ڪرايو پر هو سڌو ايئرپورٽ هليو ويو ۽ عملي کي عدالتي حڪم ڏنو ويو.شهباز شريف جي ذميواري هئي ته عدالتي حڪم جي سروس ڪرائي ها. ايئرپورٽ عملي شهباز شريف کي چيو ته ان جو نالو بليٽ لسٽ ۾ ناهي جڏهن ته عدالتي حڪم بليڪ لسٽ بابت هو. جنهن کان پوءِ عدالت وفاقي حڪومت ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 26 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو