اسلام آباد)بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته عدالت جي پنجن ججن اسان جو موقف قبول ڪيو آهي.عدالتي فيصلي کانپوءِ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اڄ جو فيصلو آئين جي فتح آهي ۽ اهو متفقه فيصلو آهي، اسان جو موقف پنجن ئي ججن قبول ڪيو آهي.هن چيو ته صدر پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪندو ۽ ڪي پي ڪي ۾ گورنر چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪندو، عدالت وفاق کي سڪيورٽي ۽ سمورا وسيلا فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر چيو ته پاڪستان جي سمورن ايگزيڪيوٽو اختيارين کي ججن جي اڪثريتي فيصلي کي مڃڻ گهرجي، سڀ عدالت جي فيصلي جا پابند آهن، ان ۾ ڪو به ابهام ناهي.شيخ رشيد چيو ته قوم چونڊن جي تياري ڪري، اها وڏي فتح آهي، اڄ آئين ۽ قانون جي فتح ٿي آهي، عدالت قوم کي پيغام ڏنو آهي، 90 ڏينهن اندر پنجاب جو اليڪشن ڪمشنر اليڪشن جي تاريخ مقرر ڪري. پ پ جي صدر ۽ گورنر سان گڏ چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ گهرجن، هي عمران خان جي فتح آهي، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهڻ واري آهي.










