اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عدالت جي رويي مان ثابت ٿئي ٿو ته اها دٻاءُ ۾ نه آئي آهي.سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي تي تبصرو ڪيو.هن چيو ته اڄوڪي ٻڌڻي ۾ عدالت چيو ته هو پاڪستان جي آئين جا پابند آهن.پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين وڌيڪ چيو ته عدالت ۾ وسيلن ۽ سيڪيورٽي جي عدم موجودگي تي ڪو به ٺوس جواب ناهي مليو.هن چيو ته پ پ جي اعلان ۾ سڄي عمل جي بائيڪاٽ جو ذڪر هو، ان جي برعڪس اڄ پ پ جي وڪيلن دليل ڏنا.شاهه محمود قريشي اهو به چيو ته بائيڪاٽ باوجود پي ڊي ايم جا وڪيل عدالت کان وقت گهرندا رهيا.










