عدالتي حڪم تي زميندار جي نجي جيل مان 9 هاري بازياب

عدالتي حڪم تي زميندار جي نجي جيل مان 9 هاري بازياب

ڊگهڙي (سيد بشير شاھ) ڳوٺ شھزاد جٽ ديھ-142 جي رهواسي پورهيت ويسراج پٽ منگهو ڀيل سيشن ڪورٽ ميرپورخاص جي عدالت ۾ درخواست ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته منهنجا ڪل 9 گهرڀاتي زميندار شھزاد پٽ بشارت جٽ جي زمين تي نجي جيل ۾ قيد آھن جيڪي بازياب ڪرائي ڏنا وڃن ڪورٽ سڳوري ڊگهڙي پوليس کي هاري بازياب ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو.

اهڙي مليل حڪم تي عمل ڪندي ڊگهڙي پوليس زميندار شھزاد جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو هڻي 45 سالن جي شريمتي بابري زال ويسراج ڀيل، 25 سالن جو مولچند پٽ ويسراج ڀيل، 24سالن جي ريشم زال مولچند، ٻن سالن جي ثانيا ڌيءَ مولچند، ٽن سالن جو پريم پٽ مولچند، 19سالن جو ڏاڙھون پٽ ويسراج ڀيل،14سالن جي ميران ڌيءَ ويسراج، 12سالن جي پريمي ڌيءَ ويسراج ۽ 9سالن جي هيران ڌيءَ ويسراج ڀيل کي بازياب ڪرائي ٿاڻي تي کڻي آئي جن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو