عتيقه اوڍو جي ترڪي ڊرامن ۾ انٽري، ڊرامي جو نالو به سامهون اچي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي ورسٽائل سينيئر اداڪارا عتيقہ اوڍو جلد ترڪ ڊرامي انڊسٽري ۾ ڊيبيو ڪندي جنهن جي تصديق هن هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ ذريعي ڪئي هئي.ترڪ ڊرامن کي پاڪستان ۾ جيڪا پذیرائي ملي آهي اها بي مثال آهي، ترڪي جي ڪيترن ئي ڊرامن پاڪستاني ناظرين جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي، جن ۾ ارطغرل غازي ۽ ڪورلش عثمان، عشق ماڪو، فريحا ۽ عائشه گل شامل آهن.هاڻي عتيقہ اوڍو هڪ ترڪي ڊرامي ”ڪويو بياز“ ۾ به نظر ايندي.هن ڊرامي ۾ عتيقہ اوڍو کان علاوه ترڪي جا مشهور اداڪارا نيسا بولڪباشي، اتاڪان هوگورين، اتبيڪ محسن ۽ ايبرو عقيل به ڪم ڪندا.انسٽاگرام تي ترڪي جي پروڊڪشن ڪمپني پاران ڪيل پوسٽ کي ٻيهر شيئر ڪندي اداڪارا مداحن کي ٻڌايو ته هوءَ هڪ انٽرنيشنل پروجيڪٽ جو حصو بڻجي وئي آهي ۽ سندس ڊرامو جلد نشر ڪيو ويندو.بلنٽ اسبيلن جي هدايتڪاري ۾، ڪويوبياز جلد ئي TRT ڊجيٽل تي نشر ٿيندو.ان کان علاوه ٽي وي ميزبان توثيق حيدر به ترڪ ڊرامي ۾ ڪردار ادا ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو