بزنجو جو ساٿين سميت پ پ ۾ شموليت جو فيصلو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجي پ پ ۾ شموليت جو فيصلو ڪري ورتو. پنهنجي بيان ۾ عبدالقدوس بزنجي چيو ته ساٿين سميت باضابطا طور پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪندس، جڏهن ته مصروفيتن سبب سڀاڻي پارٽي جي يوم تاسيس جلسي ۾ شرڪت نه ڪري سگهندس.هن چيو ته جلد ساٿين سميت آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪندس. واضح رهي ته عبدالقدوس بزنجو ٻه ڀيرا بلوچستان جو وڏو وزير رهي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو