عالمي برادري فلسطيني عوام جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ فيصلائتي قدم کڻي

عالمي برادري فلسطيني عوام جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ فيصلائتي قدم کڻي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف زرداري چيو آهي ته عالمي برادري فلسطيني عوام جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ فوري ۽ فيصلائتي قدم کڻي،صدر آصف زرداري فلسطينين سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته فلسطينين جي حق خوداراديت لاءِ پاڪستان جي غير متزلزل عزم جو اظهار آهي، پاڪستان 1967ع کان اڳ واري سرحدن تي هڪ آزاد ۽ پائيدار فلسطيني رياست جي حمايت ڪري ٿو،هن چيو ته هو فلسطيني عوام جي آزادي، وقار ۽ انصاف جي جائز جدوجهد ۾ ساڻن گڏ آهي،عالمي برادري کي گهرجي ته فلسطيني عوام جي نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ فوري ۽ فيصلائتي قدم کڻي،صدر چيو ته عالمي ضمير فلسطين جي لکين ماڻهن جي حالت زار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهي،اسرائيلي قبضو ۽ عالمي قانونن کي نظرانداز ڪرڻ خطي ۾ امن جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي، عالمي برادري ۽ سلامتي ڪائونسل کي غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو