طيبه گل جا الزام، جاويد اقبال سميت ٻيا طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جنسي هراساني جو شڪار طيبه گل عورت محتسب کي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.طيبه گل 2022ع ۾ اڳوڻي چيئرمين نيب جاويد اقبال ۽ ٻين خلاف درخواست داخل ڪئي هئي.عورت تحفظ محتسب جي چيئرپرسن فوزيه وقار هڪ سال کانپوءِ طيبه گل کي حراسان ڪرڻ، زيادتي ۽ حراست ۾ رکڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار طيبه گل پنهنجي بيان ۾ چيو ته جاويد اقبال کي درخواست ٻڌڻ لاءِ غير اخلاقي ڪم ڪرڻ جو چيو. جاويد اقبال بليڪ ميل ڪيو، غير اخلاقي ڪم نه ڪرڻ تي ڪيس نه ٻڌڻ جي ڌمڪي ڏني، جڏهن ته جاويد اقبال جي درخواست تي شهزاد سليم مون تي ڪوڙو ڪيس ٺاهي مون کي گرفتار ڪيو.هن پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو ته نيب جي جاچ آفيسر عمران ڊوگر ۽ ٻيا کيس گرفتار ڪري لاهور وٺي ويا، جتي کيس هراسان ڪيو ويو.عمران ڊوگر ٻين نيب آفيسرن سان گڏجي اجتماعي زيادتي ڪئي ۽ وڊيو پڻ ٺاهي.طيبه گل چيو ته منهنجي مڙس کي چُپ رهڻ لاءِ چيو ويو، ٻي صورت ۾ وڊيو وائرل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون.جاويد اقبال، شهزاد سليم، عمران ڊوگر ۽ ٻين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.طيبه گل اسلام آباد محتسب عورتن ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو، جنهن تي عورت محتسب طيبه گل پاران لڳايل الزامن کي رڪارڊ ڪرايو. نيب اڳوڻي چيئرمين جاويد اقبال سميت 12 ڄڻن کي نوٽيس جاري ڪندي 16 جنوري تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.عورت محتسب اڳوڻي ڊي جي نيب شهزاد سليم ۽ نيب جي جاچ آفيسر عمران ڊوگر کي به نوٽيس جاري ڪندي درخواستگذار عورت جي الزامن تي جواب رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ چيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو