طوفان برپا ٿيڻ بعد مراد شاهه پاران هنگامي اجلاس طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) هندي سمنڊ ۾ طوفان برپا ٿيڻ بعد سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو، سامونڊي طوفان ۽ اُن جي اثرن جو جائزو ورتو ويندو، آبپاشي کاتي ڪوٽڙي بئراج ريجن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ڪوٽڙي بئراج کي پنهنجو هيدڪوارٽر عارضي طور ٺٽو منتقل ڪرڻ جي هدايت، سموري عملي کي به هيڊڪوارٽر ۾ ڊيوٽي تي موجود رهڻ جو حڪم، ٺٽي ضلعي ۾ سرڪاري ملازمن جون موڪلون رد، سمنڊ ۾ وڃڻ تي پابندي بعد ڪيٽي بندي، گهوڙا ٻاري، جنگيسر ۽ ٻين ساحلي علائقن ۾ مهاڻن هَوڙا بيهاري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو