ننڍي چونڊ دوران موبائل ۽ انٽرنيٽ معطل ڪرڻ جي سفارش

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گهرو وزارت سڀاڻي ٿيندڙ ضمني چونڊن دوران امن امان برقرار رکڻ جي لاءِ 13 ضلعن ۽ تعلقن ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.رپورٽ موجب پنجاب جي گهرو وزارت لکيل خط ۾ وفاقي گهرو وزارت کان سفارش ڪئي آهي ته 13 ضلعن ۽ تعلقن ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وڃي.صوبائي گادي واري شهر لاهور، تله گنگ، چڪوال، ڪلرڪهار، گجرات، علي پور چٽهه، ظفروال، بهکر، قصور، شيخوپوره، صادق آباد، ڪوٽ چٽه، ڊيره غازي خان ۾ سفارش ڪئي وئي آهي. خط جي ڪاپي چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب ۽ چيئرمين پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) ڏانهن به اماڻي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو