ضلع ڪائونسل جي ڀرتين ۽ مقررين ۾ قاعدن جي لتاڙ

ملير(رپورٽ درياخان شر) ضلع ڪائونسل ڪراچي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي ننڍن ملازمن سان گڏوگڏ 17گريڊ جا آفيسر به ڀرتي ڪري ڇڏيا. جنهن جو اختيار صرف سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وٽ ھوندو آهي. ذريعن ٻڌايو ته ڪرپشن جي بيتاج بادشاه ضلع ڪائونسل ڪراچي جي اڪائونٽ آفيسر خان ملڪ جي پٽ مهراڻ ملڪ ۽ مظھر علي شاه کي اسسٽنٽ ايگزيڪيٽو انجنيئر ۽ عرفان جويو کي سب انجنيئر، ورڪ مستري مرتضي درس کي پڻ سب انجنيئر جو عهدو ڏيئي ڇڏيو آھي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي طرفان هڪ ڊپارٽمينٽ جي ملازم کي ڪنهن ٻئي ڊپارٽمينٽ ۾ مقرر نه ٿو ڪري سگهجي، ان جي با وجود رورل ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي ملاز م رفيق احمد مڱڻيجي کي پڻ سب انجنيئر جي عهدي تي مقرر ڪري ڇڏيو آھي. جڏهن ته حڪومت سنڌ طرفان ڀرتي ڪيل پراڻن ملازمن کي نظر انداز ڪري جعلي ڀرتي ۽ ٻين ادارن مان آيل ملازمن کي رشوت عيوض سڻڀي سب ڊويزن گڏاپ ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو