ضلعي ڪائونسل پاران علي مردان شاه لاءِ تعزيتي اجلاس

ضلعي ڪائونسل پاران علي مردان شاه لاءِ تعزيتي اجلاس

عمرڪوٽ (لال حسين مڱريو) ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ پاران اڳوڻي صوبائي وزير ايم پي اي  سيد حاجي علي مردان جي وڇوڙي تي تعزيتي اجلاس ڪوٺايو ويو، اجلاس جي صدارت ضلعي وائيس چيئرمين حاجي بقا پلي ڪئي، انهي موقعي تي مرحوم جي مغفرت لاء دعا پڻ گهري وئي ضلعي وائيس چيئرمين حاجي بقا پلي، نواب يونس ٽالپر، حاجي عمر منڱريو، سکر مل اوڏ، صوفي اڪبر علي، پير محمد پلي، حاجي رحمت الله راهمون ۽ ٻين سيد علي مردان شاھ جي سياسي سماجي خدمتن تي روشني وڌي وئي ۽ لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ ضلعي عمرڪوٽ جو وڏو  سياسي نقصان قرار ڏنو ويو ۽ اجلاس جي پڄاڻي بعد مرحوم سيد علي مردان شاھ جي آخري آرامگاه تي حاضري ڀري فاطه خواني پڻ ڪئي، ٻئي پاسي تعزيت جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته سروري جماعت جي روحاني پيشوا پ پ اڳواڻ مخدوم جميل الزمان، سعيد غني، آغا سراج دراني ۽ ٻين کاروڙو سيد پهچي سيد علي مردان شاھ جي پونئرن سان عذر خواهي ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو