“ضلعي جي ڪنهن به ڊاڪٽر کي نڪ ۾ نلڪي هڻڻ نه آئي”

ڪوٽڙي ڪبير(پرويزحسين ڀنڊ)ضلعي نوشھرو فيروز جي ڪنهن به ڊاڪٽر کي مريض کي نڪ مان کاڌي واري نلڪي لڳائڻ نه آئي مريض کي ڪراچي ريفر ڪري ڇڏيو. ڪوٽڙي ڪبير لڳ ڳوٺ فقير محمد موجائي واسي استاد مختيار موجائي ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته اسان جو گھر ڀاتي صابر حسين روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو ھو جنھن جو ڪراچي مان علاج ڪرائي واپس ڳوٺ اچي رھيا ھئاسين ته رستي ۾ مريض جي نڪ مان کاڌي واري نلڪي نڪري وئي. اسين نوشھروفيروز  جي ضلعي سرڪاري اسپتال ۾ نڙي لڳرائڻ واسطي وياسين ته ڪنهن به ڊاڪٽر کان نڪ ۾ نڙي لڳي نه سگھي. وري اسان ڊاڪٽر پريل تڳر ۽ ڊاڪٽر شھزاد وڳڻ جي پرائيويٽ اسپتالن ۾ وياسين ته اتي به ماهر ڊاڪٽر نڙي لڳائي نه سگھيا. ھن ٻڌايو ته اسان تعلقا اسپتال ڪنڊيارو ۾ آياسين ته انھن ڊاڪٽرن کان به کاڌي واري نڙي لڳي نه سگھي. اسان مجبور ٿي ڏھ ھزار رپيا ڪرائي تي ڪار ڪرائي مريض کي ڪراچي مان نڙي لڳرائي واپس موٽي آياسين. ھن وزير اعلي سنڌ، وزير صحت ۽ سيڪريٽري صحت کي اپيل ڪئي ته ان جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ نڪمن ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو