ضلعي اندر وڌندڙ بدامني خلاف قومي عوامي تحريڪ جو احتجاج

ڳڙھي ياسين(ن سنڌيار) شڪارپور ضلع اندر وڌندڙ بدامني، اغوا ٿيل ماڻهن جي بازيابي ۽ پوليس انتظاميا جي نااهلي خلاف قومي عوامي تحريڪ جو احتجاج ۽ اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس قومي عوامي تحريڪ جي ڊويزنل اڳواڻ آغا وقار خان دراني، ضلعي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ظفر علي چنو جي اڳواڻي ۾ آشيانہ آغا ممتاز دراني کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف هنڌن شاهي بازار، نورمصطفي چونڪ کان ٿيندي پريس ڪلب ڳڙهي ياسين پهتي جتي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  شڪارپور ضلعو ڏوھارين جو قلعو بڻجي چڪو آھي جنھن جو مُک ڪارڻ ايس ايس پي شڪارپور آهي، اڪثر پوليس آفيسرن جون مقرريون سياسي بنيادن تي ڪرايون وڃن پيون جنھن بعد اھي سياسي ڀوتارن جي ونگار وهن ٿا،جنھن سبب ضلعي جي چئني تعلقن ۾ اغوائون،ڦرون،چوريون ۽ قتل روز جو معمول بڻيل آھن جنھن سبب ضلعي جو عوام پنھنجي گھرن،دڪانن توڙي روڊ رستن سميت ڪٿي به محفوظ نه آھي،جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته عوام جي ڏنل ووٽ جي طاقت سان اقتدار ۾ ويٺل نمائندا نااھل بڻجي چڪا آھن،هنن آجي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته شڪارپور ضلعي اندر وڌندڙ بد امني ۽ اغوائن جي وارداتن جو نوٽيس وٺي ھنن چيو ته حڪومت وقت مٿان فرض ٿئي ٿو ته ھو عوام جي جان مال کان وٺي ھر قسم جو تحفظ فراھم ڪري ھنن چيو ته سنڌ جي باشعور عوام کي گھرجي ته موروثي سياست مان جان ڇڏائڻ لاءِ قوم لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ قومي عوامي تحريڪ جي عوامي ليڊر اياز لطيف پليجو صاحب جا ھٿ مضبوط ڪري سنڌ کي سورن کان آجو ڪرائڻ ۾ مدد ڪري پنھنجي تقدير بدلائڻ جو آغاز ڪري، ان موقعي تي بابر خان پٺاڻ، عتيق احمد ڀٽو، اقبال جکرو، بهادر سومرو ۽ شاهين سنڌي پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو