مظفر آباد(ويب ڊيسڪ)آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس کي بلدياتي چونڊن جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس کي 23 نومبر تي وضاحت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.اڳوڻي وزيراعظم راجا فاروق حيدر ۽ ٻين درخواست داخل ڪئي آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم مڪاني چونڊن لاءِ سرڪاري وسيلا استعمال ڪيا، جنهن تي اليڪشن ڪميشن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڪشمير ۽ وضاحت طلب ڪري ورتي آهي










