صوبن ۾ پاڻي تي تڪرار سياسي معاملو آهي، اٽارني جنرل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اٽارني جنرل آف پاڪستان ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ڇڏڻ کي زيان قرار ڏيندي صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ واري تڪرار کي سياسي معاملو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.  پاڻي وسلين بابت قومي اسيمبلي جي ڪميٽي جي اجلاس دوران پيش ڪيل رپورٽ ۾  هن اهڙو اظهار ڪيو آهي. ڪميٽي جي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر اٽارني جنرل کان قانوني نقطن جي بنياد تي رپورٽ طلب ڪئي ته 1991ع واري معاهدي بدران ٽه رُخي فارمولي تحت پاڻي جي ورڇ ڪندڙ  ارسا چيئرمين ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ۾ پاڻي جي ڇوڙ کي زيان قرار ڏنو آهي. ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ارسا چيئرمين چيو آهي ته هر سال 280 ايم اي ايف پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿي وڃي ٿو، ڊئم ٺهن ته اهو پاڻي استعمال ڪري سگهجي ٿو، نوان ڊئم ٺهيا ته صوبا پاڻ ۾ وڙهندا رهندا، اسان کان وڌيڪ بيوقوف ڪير ناهي جو پاڻي ضايع ڪريون ٿا ۽ ڊئم نٿا ٺاهيون، ڪميٽي جي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر چيو ته توهان ڪنهن کي بيوقوف سڏيو، پنهنجا لفظ واپس وٺو، ارسا چيئرمين لفظ واپس ورتا. ارسا ۾ سنڌ جي ميمبرز ارسا چيئرمين جي انگ اکرن کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو، سنڌ جي نمائندي زاهد جوڻيجو چيو آهي ته ارسا طرفان پاڻي بابت انگ اکر ٽوڙي مروڙي پيش ڪيا پيا وڃن، سنڌ 17 بدران 22 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، اسان کي ڪوٽا جو اضافي 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي به نٿو ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو