وزير جي مغوي جي گهر ڀاتين کي آٿت، بازيابي جي خاطري

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) صوبائي وزير فشريز عبدالباري پتافي مغوي وٽرنري ڊاڪٽرغلام مصطفي ميراڻي جي ڳوٺ جھنگل ميراڻي پھچي وارثن سان ھمدردي جواظھارڪندي کين اغوا ٿيل ڊاڪٽر کي جلد بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي سنڌ يارسان ڳالھائيندي صوبائي وزير چيوته منھنجو فرض آھي ته آءُ پنھنجي کاتي جي ھڪ ڊاڪٽر جي بازيابي لاءِ ڪوشش وٺان جڏهن ته وارثن سان اظھارھمدردي ڪرڻ سان گڏ پوليس انتظاميه سان به ميٽنگ ٿي آھي جنهن ۾ ايس ايس پي ڪشمورخاطري ڪرائي آھي ته انشاءالله مغوي کي جلدبازياب ڪرايو ويندو.هڪ سوال جي جواب ۾صوبائي وزير چيو ته پيپلزپارٽي خلاف ھردور ۾ سازشون ٿينديون رھيون آھن پر پيپلز پارٽي خلاف ڪا به سازش ڪامياب نه ٿي سگهي آھي، ھن جو چوڻ هيو ته عمران خان نه پرانتقام خان جي پ پ خلاف سنڌ ۾ ھلندڙھرسازش کي منھن ڏنوويندوجڏهن ته فارورڊ بلاڪ جو ھڪ شوشواٿاري مخالف پنهنجي دل خوش ڪري رهيا آهن آخر ۾ ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پيپلزپارٽي ھميشه جمھوريت کي بچائڻ لاءِ پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي عملي طور تي جدوجهد ڪئي آھي ۽ ھينئر به  جمھوريت جي بقالاءِ مولانه فضل الرحمن سان سڀئي مخالف پارٽيون گڏ آھن۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو