صهيب مقصود جي شرڪت مشڪوڪ، شعيب ملڪ جي لاٽري؟

لاهور (ويب ڊيسڪ)ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان جي اعلانيل اسڪواڊ جي هڪ اهم رانديگر صهيب مقصود جي چيلهه ۾ تڪليف سبب شوموليت مشڪوڪ بڻجي وئي آهي. جنهن بعد شعيب ملڪ بابت غور ڪيو پيو وڃي. گذريل ڏينهن اعلانيل  اسڪواڊ ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون هيون، وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين اعظم خان ۽ فاسٽ بالر محمد حسنين کي ڊراپ ڪيو ويو  هو جڏهن ته سرفراز احمد کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو. ان حوالي سان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر محمد وسيم جو چوڻ آهي ته رانديگرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ بعد تبديلين جو فيصلو ڪيو، ٽيم مئنيجمينٽ جي صلاح مشوري سان اسڪواڊ ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون. چيف سليڪٽر چيو ته اعظم خان ۽ محمد حسنين جي جاءِ تي حيدرعلي ۽ سرفراز احمد کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو جڏهن ته فخر زمان کي ريزرو رانديگرن جي فهرست مان ڪڍي 15 رڪني اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو. ريزرو رانديگرن ۾ فخر زمان جي جاءِ تي شاهنواز ڏهاڻي کي شامل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو