صديقي جو بنگالين کي شناختي ڪارڊ ڏيڻ جو مطالبو ملڪ دشمني آهي

حيدر آباد(ن س)عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ايڊوڪيٽ ساجد حسين مهيسر ۽ سرواڻ جتوئي پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جو 35 لک بنگالين کي شناختي ڪارڊ ڏيڻ جو مطالبو ملڪ دشمني آهي. ايم ڪيو ايم ملڪي سالميت لاءِ خطرو بڻيل آهي. افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي تحفظ ڏيندڙ ساڄي يا کاٻي يا مذهبي ڌريون مظلوم قومن جون سڄڻ نٿيون ٿي سگهن. سنڌ ۾ رهندڙ غير قانوني افغانين، برمين، بهارين، بنگالين، روهينگين ۽ هندستانين جي سهولتڪارن ۽ همدردن خلاف پڻ ڪارروايون ڪيون وڃن. لکين افغاني ۽ ٻيا غير ملڪي امن ۽ ملڪي معيشت لاءِ سنگين خطرو بڻيل آهن. بنگالين کي شناختي ڪارڊ ڏيڻ جا مطالبا ڪندڙ خود بنگال هليا وڃن. پاڪستان عالمي يتيم خانو ناهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت غير ملڪين کي قابض ڪيو پيو وڃي. اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ افغانين ۽ ٻين غير ملڪين خلاف آپريشن هلندڙ آهن پر سنڌ مان غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ڪي به گهربل قدم ناهن کنيا ويا. پيپلز پارٽي پنهنجي 15 سالن جي دور حڪومت ۾ غير ملڪين جي ونگارو جو ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ ۾ لکين افغانين کي آباد ڪرائڻ ۾ پيپلز پارٽي سهولتڪاري فراهم ڪئي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ڪراچي بدامني ڪيس ۾ ڏنل فيصلي تي عمل ڪندي سنڌ ۾ آباد چاليھ لک کان وڌيڪ غير قانوني غير ملڪين کي نيڪالي ڏني وڃي. عوامي تحريڪ طرفان سنڌ جي اهم مسئلن تي هلندڙ جدوجھد جي سلسلي ۾ 13 آڪٽوبر تي ٽنڊوالھيار ۾ جلسي عام ۽ 15 آڪٽوبر تي غير ملڪين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ ۽ سنڌ جي زمينن، معدنيات ۽ وسيلن جي ڦرلٽ، ڊجيٽل آدمشماري، پاڻي تي ڌاڙن ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف عوامي تحريڪ طرفان بدين ۾ هزارين ماڻھن جي ريلي ڪڍي ويندي. جڏهن ته هارين سان ٿيندڙن ظلمن ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌي هاري تحريڪ پاران 5 نومبر تي ميرپورخاص ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو