ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته 28 ڪلاڪن کانپوءِ جڏهن صدر کي هوش آيو ته محسوس ٿيو ته ڪجهه ٿيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عارف علوي ننڊ مان جاڳي پيو ۽ چيو ته اهو سندس موقف ناهي، ثابت ٿي ويو آهي ته پي ٽي آءِ انتشار جي سياست کي جنم ڏنو آهي.ٻئي طرف ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ٽوئٽ جي ڪا قانوني حيثيت ناهي، هو ٽوئيٽ ڏسي حيران ٿي ويا.مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته صدر جو ڪيس اڌ طوطي ۽ اڌ ڪوئل جو آهي.
