صدر ٽرمپ سان نيتن ياهو ۽ زيلنسڪي جون ڌار ڌار ملاقاتون

صدر ٽرمپ سان نيتن ياهو ۽ زيلنسڪي جون ڌار ڌار ملاقاتون

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو ۽ يوڪريني صدر زيلنسڪي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڌار ڌار اول آفيس ۾ ملاقاتون ڪيون. ٻنهي ملاقاتن بابت وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولائن ليوِٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ’مثبت ۽ نتيجا ڪن‘ قرار ڏنو.

،نائب صدر جي ڊي وينس، پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ سميت انتظاميا جا ٻيا اعليٰ عملدار به اجلاس ۾ شريڪ هئا، جنهن جي تصديق نيتن ياهو جي آفيس پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل تصويرن مان ٿئي ٿي.

هن وقت تائين اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته ملاقات دوران ڪهڙن معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، پر امڪان آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جنگ، گڏوگڏ لبنان ۽ غزه ۾ اسرائيل جي جاري فوجي ڪاررواين تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي هجي.
ٻئي طرف، يوڪرين جي صدر وولوديمير زيلنسڪي چيو آهي ته هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات دوران اهڙي لائسنس بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن سان يوڪرين کي پيٽرياٽ انٽرسيپٽر ميزائل مقامي طور تي تيار ڪرڻ جي اجازت ملي سگهي. تنهن هوندي به، اهو واضح ناهي ته ان حوالي سان ڪو حتمي معاهدو طئي ٿيو آهي يا نه.
آمريڪا، ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ دوران، پنهنجي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ مهانگي هٿيارن جو وڏو حصو استعمال ڪري چڪو آهي، جن ۾ پيٽرياٽ انٽرسيپٽر ميزائل پڻ شامل آهن، جيڪي ايران جي بيلسٽڪ ۽ ڪروز ميزائلن سان گڏ تهران جي خودڪش ڊرونز کي تباهه ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا.
پيٽرياٽ ميزائل ٺاهيندڙ ٻه آمريڪي دفاعي ڪمپنيون آهن، ريٿيون (هاڻي آر ٽي ايڪس) ۽ لاڪ هيڊ مارٽن آهن. بهرحال، اهڙا جديد هٿيار تيار ڪرڻ ۾ مهينن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن سالن تائين جو وقت لڳندو آهي، تنهنڪري واشنگٽن کي پنهنجا هٿيارن جا ذخيرا ٻيهر ڀرڻا پوندا.
صدر زيلنسڪي، اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو سان صدر ٽرمپ جي الڳ ملاقات کان ٿورو اڳ وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر سان ملاقات ڪئي.
سي اين اين موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي بابت ڳالهين جي موجوده صورتحال بابت اختلاف برقرار آهي. صدر ٽرمپ چيو ته ڳالهيون جاري آهن، جڏهن ته ايران جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته هن وقت ڪا به ڳالهه ٻولهه نه پئي هلي. ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ڪو معاهدو نه ٿيو ته آمريڪا ايران جا پل ۽ بجلي گهر تباهه ڪري ڇڏيندو.
زيلنسڪي سان ملاقات: صدر ٽرمپ يوڪرين جي صدر وولوديمير زيلنسڪي سان پڻ ملاقات ڪئي. اها ملاقات ان وقت ٿي، جڏهن گذريل هفتي يوڪرين طرفان ڪيسپين سمنڊ ۾ هڪ ايراني ٻيڙيءَ تي حملي کان پوءِ ايراني عملدارن ڪييف خلاف ڌمڪيون وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيون.
ٻئي پاسي جنگ ۾ وقفي بعد اڱاري جي صبح عالمي منڊي ۾ خام تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري رهيو. عالمي معيار سمجهيو ويندڙ برينٽ خام تيل جي قيمت ۾ 17 سيڪڙو لاٿ ڏٺي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو