صدر ٽرمپ جو مودي ۽ خان کي فون،ٻنهي کي ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي زور

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارتي وزيراعظم ۽ پاڪستاني وزيراعظم عمران خان سان ڌار ڌار فون ڪري ڪشمير صورتحال بعد پيد ٿيل ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي زور ڀريو آهي. صدر ٽرمپ اڱاري تي ڪيل هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ٻن سٺن دوستن مودي ۽ خان سان فون تهارت، اسٽرٽجڪ تعلقات ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ڪشمير بابت ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. صدر ٽرمپ چيو آهي ته صورتحال سخت آهي پر ڳالهه ٻولهه سٺي رهي. پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سومر تي رات دير سان بريفنگ ۾ ٻڌايو هو ته وزيراعظم مودي سان ڳالهائڻ بعد صدر ٽرمپ عمران خان کي فون ڪئي، وزيراعظم مٿس زور ڀريو ته ڪشمير مان ڪرفيو ختم ڪرايو ۽ اقوام متحده جي مبصرن جو وفد جائزو وٺڻ لاءِ موڪليو. اوهان ڪشمير بابت ڪردار اد ڪرڻ لاءِ ڪيل ڳالهه بولهه بابت عمل ڪريو. هوڏانهن واشنگٽن ۾ وائيٽ هائوس جي ترجمان هوگن گڊلي صدر ٽرمپ جي وزيراعظم مودي ۽ وزيراعظم خان سان فون تي ڳالهه ٻولهه جي تصديق ڪندي ڍيو آهي ته ڪشمير بابت پيدا ٿيل ڇڪتاڻ گهٽائڻ بابت صدر ٽرمپ ٻنهي تي زوري ڀريو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻنهي اڳواڻن کي چيو ته خطي ۾ امن جي قيام لاءِ گڏجي ڪوششون ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو