صدر سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ٻه طرفن معاملن بابت ملاقات

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي آهي.صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ واپار ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، صدر آصف زرداري ۽ برطانوي هاءِ ڪمشنر ٻطرفي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، پاڪ برطانيه لاڳاپن کي اعليٰ سطحي رابطن ۽ عوامي لاڳاپن کي هٿي ملي آهي. معيشت جو استحڪام اولين ترجيح آهي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ“ غربت جي خاتمي تي ڌيان ڏنو ويندو.آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلي پاڪستان جي لاءِ سنگين چيلينج آهي. پاڪستان موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان ۾ شمسي ۽ هوائي توانائي جي وڏي صلاحيت موجود آهي. شمسي ۽ هوائي ذخيرن سان ملڪي توانائي جون ضرورتون پوري ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.صدر آصف زرداري ملاقات دوران برطانوي بادشاهه ۽ شهزادي ڪيٿرين مڊلٽن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو، جين ميريٽ صدر آصف علي زرداري کي پاڪستان جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو