صحت جي نظام ۾ سيڙپڪاري وقت جي اهم ضرورت آهي:احمد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اطلاعات، اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري نگران وزير محمد احمد شاهه ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته صحت جي نظام ۾ سيڙپڪاري وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز تي زور ڏنو آهي ته اهي گڏجي ڪم ڪن ۽ صحت جي نظام جي بهتري لاءِ سيڙپڪاري کي اوليت ڏيڻ جو عزم ڪن. يونيورسل هيلٿ ڪوريج (يو ايڇ سي) ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ جيڪو هر سال 12 ڊسمبر تي ملهايو ويندو آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته صحت جي مضبوط نظام جي تعمير لاءِ اسان کي برابري، اعتماد، صحتمند ماحول، سيڙپڪاري ۽ احتساب جي اصولن جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته احتساب جو فقدان، صحت جي وسيلن جو ناقص انتظام ۽ صحت جي سار سنڀار لاءِ فيصلا ڪرڻ واري عمل ۾ عدم مساوات صحت جي خراب نظام جا بنيادي سبب آهن. هن وڌيڪ چيو ته انهي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ته هر ڪنهن کي صحت جي بنيادي سهولتن تائين رسائي حاصل آهي،“ هن چيو ته قومي ۽ صوبائي حڪومتون ۽ پارٽنر تنظيمن جي مضبوط سياسي عزم جي رڪاوٽون دور ڪرڻ لاءِ هڪ لازمي جزو آهي. اسان کي پرائمري هيلٿ ڪيئر ڊليوري سسٽم کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، پرائمري هيلٿ ڪيئر (پي ايڇ سي) کي سنجيدگيءَ سان ترجيح ڏني وڃي، ڪو به ملڪ پرائمري هيلٿ ڪيئر کي بهتر بڻائڻ کانسواءِ صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۾ڪامياب نٿو ٿي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو