صحافي جو نوجوان پٽ ٺٽي ۾ ٻڏي فوت، تعزيت جاري

نوشهروفيروز(ڊ ر) پريس ڪلب نوشهروفيروز جي سينيئر صحافي ڪامريڊ مسرور احمد چانڊيو جو نوجوان پٽ  25 سالن جو اعظم چانڊيو ٺٽي شھر ڀرسان  ڪينجهر مان نڪرندڙ ڪراچي ڪئنال ۾ وھنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو آھي. اھڙي اطلاع ملڻ تي فوتي نوجوان جي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ صدمي ۾ امڙ بيھوش ٿي وئي. واضح رهي ته فوتي نوجوان اعظم چانڊيو روزگار سانگي مڪلي شهر ۾ گئس سئلنڊر جو ڪاروبار ڪندو هو، جيڪو اڄ ٻڏي فوت ٿي ويو. ٻئي طرف پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر ايم ظفر تڳر، زاهد راڄپر، خادم حسين مري، مظهر خاصخيلي، خادم حسين سيال، عطا حسين سمون، محبوب ڪلهوڙو، امجد ميمڻ، اسلم علي سيال، شاهد چنه، ممتاز سولنگي، فراز ميمڻ، فقير ميهر بهڻ ۽ ٻين پڻ صحافي مسرور احمد چانڊيو سان سندس نوجوان پٽ جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. علائقي جي معزز سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پاران صحافي سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو