صحافين جا پلاٽ، زمين، ليز سميت ٻين مامرن بابت اجلاس

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ ۽ صحافي ڪالوني جي معاملن بابت هڪ اهم اجلاس اڄ سيڪريٽري اطلاعات سنڌ نديم الرحمان ميمڻ جي صدارت هيٺ سيڪريٽري اطلاعات کاتي جي آفيس ۾ منعقد ٿيو. ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد، ڊائريڪٽر جنرل لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي سيد شبيه الحسن، ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ فورس راجا طارق چانڊيو، ايڊيشنل سيڪريٽري ميونسپلٽيز مقبول احمد، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ بورڊ آف روينيو آفيسرن سميت ڊائريڪٽر پريس انفارميشن حسن اصغر نقوي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ هاڪس بي جرنلسٽس ڪالوني ۽ سنڌ جي صدر ۽ سيڪريٽري پاران صحافي ڪالوني جي زمين جي، آئوٽ پلان، ليز ۽ بائونڊري وال جي تعمير مڪمل ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. صحافي ڪالوني جي ايراضي تي ڪيل قبضي جي خاتمي تي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر ۽ سيڪريٽري حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي پريس ڪلب جي باقي 700 ميمبرن لاءِ پلاٽن جي الاٽمينٽ لاءِ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جنهن تي سيڪريٽري اطلاعات پاران ان سلسلي ۾ عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي صدر ۽ سيڪريٽري صحافين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت، اطلاعات کاتي ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو