صحافين پاران احتجاج، ڊي ايس پي کي هٽائڻ جو مطالبو

مٽياري(ن س) ميڊيا هائوس جي صحافين ڊي ايس پي هالا الطاف آرائين پاران ڀٽ شاھ جي صحافي برادري سان ناروا سلوڪ ۽ گٿا لفظ ڳالهائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري ۾ وڏي تعداد ۾ صحافي موجود هئا مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا جنهن تي صحافين جي زبان بندي ۽ ڊي ايس پي هالا الطاف آرائين کي هٽائڻ جا مطالبا درج هئا. صحافين, رياض چانڊيو ،جي ايم بابو خاصخيلي، عبدالغفور ملاح ،فياض خاصخيلي ،علي فيضان خاصخيلي ،سليم پنھور ،شبير ملاح ،بابو محمود خاصخيلي ،شاھد حسين خاصخيلي ،اسداللہ ميمڻ ،واجد خاصخيلي ۽ ٻين مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ صحافي برادري جي زبان بند ڪرائڻ لاء مختلف هيلا هلايا پيا وڃن ۽ ڊي ايس پي هالا پاران ڀٽ شاھ جي صحافي برادري خلاف نازيبا سلوڪ ۽ گٿا لفظ ڳالهائڻ به ان جي هڪ ڪڙي آهي صحافين جو چوڻ هو ته ڀوتارڪي ذهنيت رکندڙ پوليس اهلڪارن جي غنڊه گردي هرگز قبول نه ڪئي ويندي واضح رهي ته مذڪوره ڊي ايس پي هالا ڪجھ ڏينهن پهريان لطيف سرڪار جي مزار تي زائرين تي تشدد ڪرڻ سبب ڪافي خبرون آيون هيون .مظاهرين آئي جي سنڌ ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته ڊي ايس پي هالا الطاف آرائين کي فوري هٽايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو