شھر۾ بد امني خلاف واپارين پاران احتجاجي مظاهرو

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو ضلعو بدامني جو ڳڙھ بڻجي ويو دادو جا شھري واپاري بدامني خلاف روڊن تي نڪري آيا ,ميھڙ,ڪي اين شاھ ,جوھي سميت چئني تعلقن ۾ چوريون,ڦرون روز جو معمول بڻيل دادو ضلعي اندر چورين ,ڦرن ,قتل سميت مختلف ڏوھن ۾ گھربل مفرور ڏوھارين جو انگ پوليس رڪارڊ موجب 513 ٿي ويو دادو پوليس ڪرمنل رڪارڊ موجب مختلف پوليس اسٽيشن کي گھربل مفرور ڏوھارين ۾  دادو اي سيڪشن پوليس اسٽيشن جي حد ۾ 50 مفرور ڏوھاري دادو بي سيڪشن پوليس اسٽيشن جي حد ۾ 20 ڊرگھ بالا پوليس اسٽيشن ۾ 11 فريده آباد ۾ 3  اسماعيل جا بھر 5 جوھي پوليس اسٽيشن 26 ڪڪڙ 11  خداآباد 11 ڪي اين شاھ پوليس اسٽيشن ۾ 24 ڪي ٽي جتوئي 1 اميناڻي 1 ڀنڊ ماڙي 1 ٻورڙي 1 مخدوم بلاول 3 ميھڙ اي سيڪشن پوليس اسٽيشن ۾ 119 ميھڙ بي سيڪشن ۾ 13ميان نصير محمد ۾ 2  موندر ۾ 3 نئون ڳوٺ ۾ 6 پٽ گل محمد ۾ 12 ڦلجي وليج ۾ 5 قصبو ۾ 4 راڌڻ 8  راڄو ديرو 9 رڪڻ 57 سالاري 1 شاھ پنجو 10 سيتا 34  ٿرڙي محبت 6 ٽي آر خان 11 واھي پانڌي  پوليس اسٽيشن جي حد ۾ 16مفرور ڏوھاري پوليس کي گھربل آھن جڏھن ته دادو پوليس 30 پرسنٽ گھربل مفرور  ڏوھاري پڪڙي نه سگھي آھي دادو پوليس جي سستي ۽ ڏوھارين عوام جو جيئڻ عذاب بڻائي ڇڏيو آھي دادو شھر اندر صرف ھڪ مھيني ۾ ڪروڙين روپين جون چوريون ,ڦرون ٿيون جنھن ۾ بئنڪ ملازم ظھيرالدين سومرو جي گھران 90 لک جي چوري ٿي ڪار شوروم مالڪ الله ورايو جمالي جي گھر مان سون زيور ,ڪيش رقم سميت ٽوٽل 2 ڪروڙ جي چوري ٿي دادو اسشين روڊ وٽان ڪيترن ئي دوڪاندارن جا دوڪان ڀڃي لکين روپين جون چوريون ڪيون ويون دادو شھر جي وڏي يوٽلٽي اسٽور تان لکين روپين جو سامان چور ٻھاري ويا ان سان گڏو گڏ سوين موٽرسائيڪلون ڦر ۽ چوري ڪيون ويون دادو جي واپارين ,دوڪاندارن ,چيمبر آف ڪامرس جي ضلعي صدر اقبال چارڻ ,محمد اسلم لنڊ , الله ورايو جمالي عتيق الرحمان پنھور,ظھيرالدين سومرو,محرم لغاري ۽ ٻين دادو پوليس تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي دادو پريس ڪلب اڳيان سوين شھرين سان گڏجي احتجاج ڪيو ۽ دادو پوليس خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي دانھيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ پوليس جي ذميواري آھي پر ھتي ڏينھن ڏٺي چوريون ,ڦرون روز جو معمول بڻيل آھن ھنن چيو ته لڳاتار احتجاج ڪري رھيا آھيون پر پوليس ڪوبه تعاون نه پئي ڪري ايس ايس پي دادو ملڻ لاء تيار ناھي نه ئي آفيس ويھي ٿو ھنن چيو ته 2 ڏينھن جي پوليس کي مھلت ڏيون ٿا چوريون واپس ڪرايون وڃن نه دادو انڊس ھاء وي احتجاجن بند ڪنداسين ۽ دادو ۾ شٽر بند ھڙتال جو سڏ ڏينداسين ٻي طرف سماجي تنظيم دادو ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي اڳواڻ ساجد مستوئي ,گل شير سولنگي,رفيق عباسي,  چيو ته دادو ۾ بدامني وڌي وئي آھي ان سان گڏ ھر برائي وارا ڪم سرعام ھلي رھيا آھن جنھن ۾ منشيات,جوا سميت ٿاڻن تي ڪرپشن ھلي رھي آھي شھرين جون ٿيندڙ چوريون ,ڦُرن جون ايف آء آر ,اين سي رپورٽ به داخل نه پئي ڪئي وڃي ٿاڻن تي ماڻھن جون شڪايتون داخل ڪرڻ لاء روزنامچه  جو استعمال به نٿو ڪيو وڃي  چورين ,ڦُرن جون رپورٽون ٿاڻن تي پيل فرضي رجسٽرڊ ۾ داخل ڪيون پيون وڃن جنھن جي ڪابه اھميت ناھي دادو جي شھرين آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته دادو ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال بھتر ڪرڻ لاء سٺا ايماندار ڪميشن پاس آفيسر مقرر ڪيا وڃن جئين دادو جو عوام سک جو ساهه کڻي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو