ڌاڙيلن هٿان پوليس چوڪي تي موجود اهلڪار اغوا

شڪارپور(ن س)شڪارپور جي علائقي ڪچي ڪوٽ شاھو ۾ پوليس چوڪي تي ڌاڙيلن حملو ڪيو،پوليس موجب ڌاڙيلن پوليس چوڪي تي موجود سمورن اهلڪارن کي اغوا ڪري ڪچي ڏانهن وٺي ويا.ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او ڪوٽ شاهه محبوب بروهي ۽ هيڊ محرر سميت 5 اهلڪارن کي اغوا ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد جسڪاڻي واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد جسڪاڻي موجب ڪوٽ شاهو واري علائقي ۾ پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو