شڪارپور واقعي جي مذمت، ملزم کي عبرت ناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو

شڪارپور واقعي جي مذمت، ملزم کي عبرت ناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ شڪارپور اسپتال ۾ پوڙهي امڙ سان ايندڙ نياڻي سان مبيناطور زيادتي واري واقعي جي شديد مذمت ڪندي ڏوهاري شخص کي عبرت ناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاهد چنا متاثر خاندان سان همدردي جو اظهار۽ شڪارپور واقعي سميت سنڌ ۾ معصوم نياڻين ۽ عورتن خلاف وڌندڙ زيادتي ۽ قتل وارن واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي زور ڏنو آهي ته اهڙي درندگي وارن واقعن ۾ ملوث ڏوهارين کي سخت سزائون ڏئي ٻين لاءِ عبرت جي مثال قائم ڪرڻ گهرجي ته جئين آئنده ڪوبه شخص ڪنهن نياڻي خلاف ڏوهه ڪرڻ جو سوچي به نه سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو