شير افضل مروت سميت 21 ڄڻ خلاف ڪيس داخل

صوابي (ويب ڊيسڪ)صوابي ۾ تحريڪ انصاف جي وڪيل شير افضل مروت سميت پي ٽي آءِ جي 21 مقامي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.پوليس موجب صوابي ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ورڪرز ڪنوينشن ۾ پي ٽي آءِ جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو