اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري کي فوري طور آزاد ڪرڻ جي حڪم بعد کيس اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ 3 ايم پي او تحت شيرين مزاري جي گرفتاري جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٻڌڻي ڪندي شيرين مزاري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.عدالت رمارڪس ۾ چيو ته الله جي عدالت ۾ بچاءَ لاءِ ڪو سياستدان يا ٻيو ڪو نه هوندو، درخواستگذار کي 3 ايم پي او تحت گرفتاري جو حڪم ڪهڙي بنياد تي ڏنو ويو؟ اهو به ٻڌايو ته ان مواد تي ڇا آهي؟ جيڪڏهن 3MPO لا اينڊ آرڊر ناهي ته اهو ڪهڙي مواد تي هوندو؟ عدالت ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ پاران 3 ايم پي او تحت شيرين مزاري جي گرفتاري جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. شيرين مزاري جي وڪيل ڌيءَ ايمان مزاري درخواست ۾ چيو هو ته سندس والده 70 سال جي پوڙهي آهي، ڪيترين ئي بيمارين ۾ مبتلا آهي ۽ سندس طبيعت خراب آهي.










