شيخ رشيد جي ذهنيت کان هر پاڪستاني واقف آهي: مرتضيٰ وهاب

شيخ رشيد جي ذهنيت کان هر پاڪستاني واقف آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانوني صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب شيخ رشيد جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته شيخ رشيد جي ذهنيت کان هر پاڪستاني واقف آهي، جيڪو پيپلز پارٽي جي قيادت بابت خراب ٻولي استعمال ڪري رهيو آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته شيخ رشيد جي اها پراڻي عادت آهي ته هو ميڊيا تي خراب زبان ذريعي پبلسٽي حاصل ڪندو آهي شيخ رشيد جي ذهني حالت خراب ٿي وئي آهي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خلاف غلط ڳالهائي ڪري هي ڪهڙي سياست ڪري رهيا آهن. شيخ رشيد جي بيان جي مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته شيخ رشيد ادب ۽ آداب کان نا واقف مخلوق جو ٻيو نالو آهي.. سياست اخلاقيات جو ٻيو نالو آهي، جنهن کان شيخ رشيد نااهل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو