شوگر ملن جي ٻيهر جوڙجڪ اسڪيم جي منظوريءَ جو تفصيلي فيصلو جاري

شوگر ملن جي ٻيهر جوڙجڪ اسڪيم جي منظوريءَ جو تفصيلي فيصلو جاري

لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاھور هائيڪورٽ شوگر ملز ري اسٽرڪچرنگ (ٻيهر جوڙجڪ) اسڪيم جي منظوريءَ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس حسن نواز مخدوم شوگر ملز جي ري اسٽرڪچرنگ اسڪيم جي منظوريءَ بابت ڪمپنين جي علحدگيءَ واري درخواست کي منظور ڪري ورتو. لاہور هائيڪورٽ جي جسٽس حسن نواز مخدوم 11 صفحن تي مشتمل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو. عدالت فيصلي ۾ قرار ڏنو ته عوامي مفاد ۾ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) کي قانون موجب ڪمپنين جي آزادانه جاچ ۽ نگرانيءَ جو مڪمل اختيار حاصل آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو ته عوامي مفاد ۽ سيڙپڪارن جي تحفظ کي هر سطح تي مقدم رکندي ريگوليٽري ادارا پنهنجيون ذميواريون جاري رکي سگهن ٿا. فيصلي موجب، ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ ڪمپنين کي پنهنجي ڍانچي کي مؤثر ۽ فعال بڻائڻ جو مڪمل قانوني حق حاصل آهي. عدالت قرار ڏنو ته ري اسٽرڪچرنگ اسڪيم تي صرف ان صورت ۾ اعتراض اٿاري سگهجي ٿو جڏهن اها غير قانوني، فراڊ تي ٻڌل يا عوامي پاليسيءَ جي خلاف هجي. عدالت فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته جڏهن قانوني تقاضا پورا ٿي وڃن ته عدالتون ڌرين جي گڏيل تجارتي فيصلن جو احترام ڪنديون آهن. فيصلي ۾ اهو به چيو ويو ته عدالت جو بنيادي ڪردار هڪ امپائر وانگر هوندو آهي، نه ڪي اپيليٽ فورم وانگر، ۽ عدالتي منظوريءَ جو هرگز اهو مطلب ناهي ته ڪمپنين کي قانون يا ريگوليٽري گرفت مان ڪا ڇوٽ (استثنيٰ) ملي وئي آهي. درخواستگذار ڪمپنين موقف اختيار ڪيو هو ته ري اسٽرڪچرنگ جو مقصد ڪارپوريٽ ڍانچي کي وڌيڪ مؤثر ۽ انتظامي طور تي بهتر بڻائڻ آهي. عدالت کي ٻڌايو ويو ته اسڪيم تحت ٻئي شوگر ملز هاڻي هڪٻئي جي ماتحت (ذيلي) ڪمپنين جي بدران الڳ الڳ قانوني حيثيت برقرار رکنديون. عدالت دليلن سان اتفاق ڪندي ري اسٽرڪچرنگ اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو