شهيد ڀٽو کي غدار سڏڻ تان سينيٽ ۾ هنگامون ۽ نعريبازي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪشمير ۾ چونڊ مهم دوران وفاقي وزير علي امين گنڊاپور پاران شهيد ڀٽو کي غدار سڏڻ جي معاملي تي پارليمان جي ايوان بالا سينٽ ۾ هنگامون ٿي پيو، رضا رباني شيري رحمان، مولا بخش چانڊيو ۽ بهر آور تنگي سميت اڪثر سينٽرن جو احتجاج، ڇيئرمين صادق سنجراڻي ماٺ ڪرائڻ جون اپيلون ڪرڻ بعد تنگ ٿي ايوان جي ڪاروائي ملتوي ڪرڻ جون ڏمڪيون ڏيندو رهيو،  قائد ايوان شهزاد وسيم معاملي کي ٽارڻ بدران پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ جميعت وارن کي چيڙائي سڄي اپوزيشن کي احتجاج لا اڪسائي متحد ڪري ڇڏيو. جنهن بعد ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو ۽ نعريبازي شروع ڪئي وئي، غنڊا گردي ڪي سرڪار نهين چلي گي. جنهن بعد اپوزيشن جون سڀ پارٽيون سيٽون ڇڏي چيئرمين جي روسٽرم آڏو احتجاج ڪندا رهيا. ان کان اڳ رضا رباني چيو ته شهيد ڀٽو پاڪستن کي ايٽم بم ڏنو ۽ آميڪا جو دٻاءُ قبول نه ڪيو، هن شهادت کي ترجيح ڏني ڇا ان ڪري غدار آهي، هن چيو ته ڇا 70 جي جنگ ۾ 90 هزار جنگي قيدي ۽ هندوستان پاران قبضي ڪيل پاڪستان ڇڏائڻ ڪري هو غدار آهي. هن چيو ته بدتميزي، واري هي سياسي روش ملڪ کي نقصان پهچائيندي ، ماکي جي بوتل پيئڻ وارو ڀاشن ٿو ڏئي. ان جي جواب ۾ قائد ايوان شهزاد وسيم چيو ته مان عمران خان جو سپاهي آهيان، اوهان پي پي ۽ مسلم ليگ (ن) جي ٽاپ قيادت جا عمران خان خلاف ڪشمير فروش سڏڻ واريون تقريرون ٻڌو شروعات هنن پاڻ ڪئي آهي، جيڪو جنهن ٻولي ۾ جواب ڏيندو ان کي ان ٻولي ۾ جواب ملندو. هن چيو ته هتي اهي مولوي به ويٺا آهن جن قائد اعظم کي ڪافر اعظم سڏيو. جنهن تي جميعت ۽ مسلم ليگ (ن) وارا به حڪومت خلاف احتجاج ڪرڻ لڳا.

پهنجو تبصرو موڪليو