پارٽي منشور جو اعلان،ڪجهه ٻين جي ڪلهي تي چڙهي سياست ڪن پيا

نئون ديرو(ن س)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته هڪ سياستدان جيل مان نڪرڻ ۽ ٻيو جيل کان بچڻ لاءِ اليڪشن وڙهي رهيو آهي، اڄ به ڪجهه ماڻهو ٻين جي ڪلهن تي ويهي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. لاڙڪاڻي ۾ بينظير ڀٽو جي 16 هين ورسي جي موقعي تي مرڪزي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 16 سال اڳ ڪجهه قوتن جو خيال هو ته بينظير ڀٽو شهيد ٿيندي پيپلز پارٽي تباهه ٿي ويندي، هر سال جيالا ڳڙهي خدا بخش ۾ انهن قوتن کي چئلينج ڪري ٿو ته هو اڄ به شهيدن سان گڏ آهن، اڄ به ملڪ جي ڪا به سياسي پارٽي وفاق کي بچائي سگهي ٿي اها پيپلز پارٽي آهي، اسان 18هين ترميم ذريعي 1973ع جو آئين بحال ڪيو.پ پ چيئرمين چيو ته اسان مخالفن جا نامزدگي ڪاغذ کسڻ وارن ۾ شامل ناهيون، اسان ليڊرن کي دفن ڪري به اليڪشن وڙهيو،سياسي پارٽين کي پيغام آهي ته هو چونڊون وڙهن، اڳ ڪنهن جي ڪلهي تي ويهي سياست ڪندا هئا، اڄ به ڪجهه ماڻهو ڪنهن ٻئي جي ڪلهي تي ويهي سياست ڪرڻ چاهين ٿا، اسان انهن مان ناهيون ته اليڪشن کان ڀڄي وڃون، پراڻي سياست کي دفن ڪرڻ لاءِ اليڪشن ۾ وينداسين.هن چيو ته ٻين سياسي پارٽين جا اڳواڻ ماضي جا سياستدان آهن، پراڻي سياست ڪري رهيا آهن، مستقبل نوجوانن جو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي ئي واحد پارٽي آهي جيڪا ملڪ ۾ وفاق کي بچائيندي،بلاول ڀٽو زرداري اهو به چيو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي.وقت اچي ويو آهي ته وفاق ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ٺاهي، عوام جي راڄ قائم ڪري، هو ٽن نسلن کان بيروزگاري ۽ غربت سان وڙهي رهيا آهن.پ پ چيئرمين چيو ته هو اليڪشن کي مقابلو سمجهن ٿا، اليڪشن کان نه ٿا ڊڄون،ملڪ جو عوام 8 فيبروري تي ميڊيا تي هلندڙ ڊرامي جو جواب ڏيندو. اڍائي مهينا جن اتحادين جي حڪومت هئي، انهن کي معيشت، دهشتگردي ۽ جمهوريت سان ڪا به دلچسپي نه هئي، انهن کي مهانگائي، بيروزگاري، غربت ۽ دهشتگرديءَ سان وڙهڻ لاءِ پنهنجون جنگيون ڇڏڻيون پونديون.بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عوام مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو چاهي ٿو، جيڪڏهن عوام پيپلز پارٽي کي موقعو ڏنو ته 10 ڪم ترجيحي بنيادن تي ڪندس.

چونڊ منشور جو اعلان، بلاول جا 10 واعدا

پهرين ترجيح عوام جون پگهارون ٻيڻيون ڪرڻ هونديون
300 يونٽن تائين بجلي مفت ملندي
هر ٻار کي تعليم تائين رسائي هوندي
سڄي ملڪ ۾ مفت علاج جو نظام بڻايو ويندو
غريبن لاءِ 3 لک گهر ٺاهيا ويندا
غربت جي خاتمي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي وڌايو ويندو
بينظير انڪم سپورٽ وانگر هارين لاءِ ”هاري ڪارڊ“ ٺاهيندي
مزدورن کي ”منفرد ليبر ڪارڊ“ بڻايو ويندو
 ”يوٿ ڪارڊ“ ذريعي نوجوانن کي مالي مدد فراهم ڪندا.
پاڪستان پيپلز پارٽي ”بک مٽائڻ جو پروگرام“ شروع ڪندي.

پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته پنجن سالن ۾ ملازمن جون پگهارون ٻيڻيون ڪيون وينديون، حڪومت غريب عوام کي 300 سولر يونٽ فراهم ڪندي، هر ضلعي ۾ گرين انرجي پارڪ ٺاهيا ويندا، هر ضلعي کي گهٽ قيمت تي بجلي ملندي. تعليمي ادارا بحال ڪندا، بهتر تعليم ڏيندا، سڄي پاڪستان ۾ صحت جو مفت نظام قائم ڪندا، ٻوڏ متاثرن کي 20 لک گهر ڏيڻ جو واعدو ڪندا، عورتن کي مالڪي جا حق ڏيندا،هن چيو ته جڏهن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ٿيو ته مخالف ان جو مذاق اڏائيندا هئا، سڄي دنيا سمجهي ٿي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام انقلابي پروگرام آهي، هو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي وسيع ڪندا، هاري ڪارڊ ڏيندا، هاري ڪارڊ ڏيندا. ڪارڊ، وڏين مل مالڪن بدران هارين کي، سڌي سبسڊي ڏني ويندي.بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن اليڪشن جي تياري ڪن، دما دم مست قلندر ٿيندو،پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪندي چيو ته اوهان کي مون کي کٽرائڻو آهي، مان اڪثريت چاهيان ٿو.مسلم دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو جي 16هين ورسي ڳڙهي خدا بخش ۾ ملهائي وئي، نوديرو کان ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي مزار تائين سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا هئا.اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو کي اڄ 16 سال اڳ راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ شهيد ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو