شهيد راڻي جو ويجهو ساٿي غلام قادر ڀٽو مٽي ماءُ حوالي

سکر(بيورو رپورٽ) سکر جو جهونو جيالو ۽ اڳوڻو ايم پي اي غلام قادر ڀٽو لاڏاڻو ڪري ويو. هو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جو پراڻو ساٿي هو. سندس جنازي نماز مغرب وقت ادا ڪرڻ بعد شيخ شينهن قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس پٽ نديم قادر ڀٽو سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. سردارمير محمد مراد خان بلو، سردار عامر خان ڀٽو، سيد اويس شاهه، سيد ڪميل حيدر شاهه، سيد فرخ شاهه، صنعتڪار سڪندي علي جتوئي، حاجي انور خان مهر، مشتاق سرهيو، پير آف گمبٽ سيد نورالهديٰ شاهه، تاج محمد نوناري ۽ ڊاڪٽر دانش اقبل مه سميت وڪيلن، تاجر برادري ۽ سياسي ڪارڪنن عذر خواهي ڪئي. تڏو ريڊ ڪارپيٽ هوٽل ملٽري روڊ سکر تي رکيو ويو آهي. غلام قادر ڀٽو گهڻي عرصي کان دم ۽ سنڌن جي بيماري ۾ مبتلا ھو. جنھن سبب ھولاڏاڻي کان اڳ  سياسي سرگرمين کان به پري ھو. غلام قادر ڀٽو 1993ع کان وٺي 1996ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رھيو. ھن جمھوريت جي بحالي واري تحريڪ ايم آر ڊي ۾ ڀرپور حصو ورتو. مختلف وقتن تي پيپلزپارٽي سکر جو ضلعي ۽ ڊويزنل صدر پڻ رھيو. ڀٽو خاندان سان ويجهڙائپ ھجڻ ڪري شھيدراڻي کيس چاچا ڪوٺيندي ھئي.  1988ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن دوران شمس آباد ويجهو نشاط سينيما وٽ غلام قادر ڀٽو پيپلزپارٽي کي مليل چونڊ نشان تير جو وڏو خاڪو لڳرايو ھو، ان کانپوءِ نشاط سينيما چوڪ جو نالو تير چوڪ پئجي ويو. غلام قادر ڀٽو ۽ سندس خاندان ڪجھ وقت پيپلزپارٽي کان ناراض ٿي فنڪشنل ليگ ۾ به شامل ٿيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو