شهيدن جو موت قوم جي حيات آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد جو موت قوم جي حياتي آهي. شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي وڊيو پيغام ۾ بلاول ڀٽو چيو ته هر محب وطن پاڪستاني پنهنجو فرض سمجهي ٿو ته پنهنجي ڌرتي جي محبت ۾ شهيد ٿيندڙن سان محبت ڪري.هن چيو ته جيڪي قومون پنهنجن شهيدن کي وساري ويهن ٿيون انهن جو تاريخ ۾ نالو وٺڻ وارو ڪو به ناهي، اسان سڀني شهيدن جي رت جا قرضدار آهيون.بلاول ڀٽو چيو ته اچو ته گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو عزم ڪريون، نفرتن جي سمورن ديوارن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏينداسين ۽ ملڪ جي سمورن شهيدن جي قربانين کي نه رڳو ياد رکيو ويندو پر انهن تي ڪڏهن به باهه ٻارڻ نه ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو