شهيد بشير خان قريشي جي ڏنل واٽ تي هلندس: صنعان خان

سکر(ن س)جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي جي سکر پريس ڪلب آمد، صنعان خان چيو ته شهيد بشير خان قريشي جي ڏنل واٽ تي هلندي پنهنجو آواز جهنگ جهر پهچائڻ لاءِ سموري سنڌ جهاڳي آهي پر سکر پريس ڪلب جهڙو شاندار صحافتي ادارو ناهين ڏٺو جٿي قلم جي حرمت ۽ پاسداري سميت مظلومن جي آواز کي پڙاڏو بڻائي وس وارن تائين پهچائڻ لاءِ ايتري گهڻي تعداد ۾ صحافي هر وقت م مصروف عمل هجن ٿا! صنعان خان چيو ته سکر پريس ڪلب مون لاءِ انتهائي مقدس ادارو آهي ڇو ته سکر پريس ڪلب شهيد بابا بشير خان قريشي سميت هاري ناري مزدور پورهيت جمهوريت پسندن سميت بي وس ۽ لاچار ماڻهن جو سگهارو آواز ۽ ڇپر ڇانو رهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو