شهرين پاران ڪورونا وائرس بعد رليف نه ملڻ خلاف احتجاج

ٽنڊو محمد خان(مظفر علي بروهي)ٽنڊي حيدر لڳ يونيئن ڪائونسل مولان جي ڳوٺ طالب نومڙيو  جي رهواسين پاران ترقياتي ڪمن سميت ڪورونا وائرس جي ٽين لهر بعد رليف نه ملڻ سبب سخت احتجاجي مظاهرو ڇتي نعري بازي ڪئي وئي حيدرآباد تعلقه ٻھراڙي جي ڳوٺ طالب حسين نومڙيو جي رهواسين پاران ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سميت رليف فنڊ نه ملڻ سبب سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي عبدالطيف بروهي غلام نبي بروهي پانڌي بروهي ڪامريڊ مٺو ڀيل ميڊيا کي ٻڌايو ته موجوده حڪومت  اسان ڳوٺ واسين کي سراسر نظر ڪري ڇڏيو آھي هتي نه ئي ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن نه هن مشڪل وقت ۾ ڪنهن مسڪين کي ڪو فنڊ ڏنو ويو آھي جڏنهن ته يوسي مولان ۾ من پسند ماڻھن کي رليف ورهاست لاء مليو پر انهن فقط پنهنجا پيٽ ڀري مسڪينن کي ويساري ويٺا جيڪي ماڻھن يوسي مولان جا ٺيڪيدار آھن انهن هر دور ۾ ڪرپشن ڪري غريبن ۽ مستحقن حق کسيا اسان تڪ جي ايم اين اي سيد طارق شاه ڄاموٽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اڳوڻي ضلع ميمبر  توڙي ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته علائقي ۾ فوري طور ترقياتي ڪم ڪرائڻ سميت مسڪينن کي رليف فرهام ڪري انهن بک بدحالي کان بچايو وڃي ۔ ٻي صورت ۾ احتجاجي دائرو وڌايو ويندو ۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو