شهرين جو گاهه کائي مهانگائي خلاف انوکو احتجاج

سکر(امداد علي ڪلوڙ) شهرين ۽ سول سوسائٽي پاران تبديلي حڪومت جي ناڪام پاليسين ۽ مهانگائي جي آزار خلاف نئين سال جي شروعاتي ڏهاڙي تي گاهه کائي انوکو احتجاج رڪارڊ ڪيو ويو. دادو چوڪ تي سياسي سماجي ۽ سول سوسائٽي ڪارڪنن جي وڏي انگ وڌندڙ مهانگائي ۽ حڪومت جي عوام دشمن پاليسين، تيل جي قيمتن ۾ اضافي خلاف اشفاق ڀٽي، وقار سومرو، عبدالحميد شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گاهه کائي احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين جوچوڻ هو ته تبديلي سرڪار جي ناڪام پاليسين سبب ماڻهو بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ مهانگائي جي مصيبت غريب ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته نئين سال جي پهرين ڏهاڙي تي تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ماڻهن کي مهانگائي جي مصيبت ۾ مبتلا ڪيو ويو جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. ملڪ جو عوام حڪومتي پاليسين کان تنگ ٿي چڪو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته مهانگائي جو آزار ختم ڪري ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو