شهباز ۽ مريم پاران نواز جي سزا ختم ٿيڻ تي خوشي جو اظهار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)شهباز شريف ۽ مريم نواز پاران نواز شريف جي سزا ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي تي خوشي جو اظهار، مريم نواز ٽوئيٽ بيان جاري ڪندي چيو ته جڏهن ڪو ماڻهو معاملا الله تي ڇڏي ته الله کيس سرخرو ڪندو آهي، اڄوڪو فيصلو اُن جو واضح مثال آهي، شهباز شريف چيو ته پنهنجي قائد ڀاءُ، مريم نواز ۽ نواز ليگ جي ڪارڪنن کي واڌايون ڏيان ٿو، بيگناهه نواز شريف پنهنجا معاملا الله تي ڇڏيا ۽ الله تعاليٰ کيس هر الزام کان آجو ڪري ڇڏيو، ڪردار ڪشي سوڌو اذيت جو هر حربو استعمال ڪيو ويو، پر الله سچ کي نروار ڪري ڇڏيو

پهنجو تبصرو موڪليو