اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ شهباز گل ادارن کي بغاوت تي اکسائڻ واري ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جي بريت واري درخواست رد ڪرڻ واري فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.شهباز گل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ ٽرائل ڪورٽ ۾ ڪارروائي روڪڻ جي به درخواست ڪئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پراسيڪيوشن ڪو به ڏوهه جو مواد پيش نه ڪيو آهي، ٽرائل ڪورٽ جو حڪم آئين جي آرٽيڪل 10 اي جي ڀڃڪڙي آهي. شهباز گل عدالت کي درخواست ڪئي ته درخواست منظور ڪندي ڪيس مان بريت ڪئي وڃي ۽ بريت واري درخواست تي حتمي فيصلي تائين ٽرائل ڪورٽ جي ڪارروائي روڪي وڃي.










